Isaiah 45:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو. هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين. هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو، ۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.