Isaiah 45:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي غير قومن وارؤ! اوهين جيڪي بابل جي تباهيءَ کان بچي نڪتا آهيو، سي منهنجي عدالت ۾ اچي گڏ ٿيو. اوهين بلڪل بي‌سمجھہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جيڪي ڪاٺ جا بت کنيو ٿا وتو، ۽ اهڙن معبودن کان دعا ٿا گھرو، سي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.