Isaiah 45:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
افسوس آهي انهي تي جو زمين جي ٺڪرن مان هڪڙو ٺڪر آهي ۽ پنهنجي خالق سان تڪرار ٿو ڪري! مٽي ڪنڀر کي چوندي ڇا تہ تون ڇا ٿو جوڙين؟ يا تنهنجي هٿ جو ڪم چوي تہ هن کي هٿ نہ آهن؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟