Isaiah 47:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو، ۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي، بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو، ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘