Isaiah 47:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بيپرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رنزال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،