Isaiah 48:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين سڀ گڏ ٿيو ۽ ٻڌو؛ انهن مان ڪنهن اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؟ جنهن کي خداوند پيار ڪيو آهي، سو ئي بابل تي هن جي مرضي پوري ڪندو، ۽ انهي جي ٻانهن ڪسدين تي غالب پوندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟