Isaiah 48:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اهي هاڻي پيدا ڪيون ويون آهن، قديم وقت کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي تو انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو؛ تہ متان تون چوين تہ ڏس، انهن جي مون کي اڳيئي خبر هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي مون بلڪل هاڻي ئي پيدا ڪيون آهن. قديم زماني کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي اوهان انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’انهيءَ جي تہ اسان کي اڳي ئي خبر هئي.‘