Isaiah 48:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.