Isaiah 49:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ ڪنهن مون لاءِ هنن کي ڄڻيو آهي؟ منهنجا ٻار مون کان کسيا ويا هئا، آءٌ تہ اڪيلي ۽ جلاوطن هيس، ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڀٽڪيس: ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏس، آءٌ تہ اڪيلي ڇڏيل هيس، هي سڀ ڪٿي هئا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن تون خوش ٿي پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ’هيترا سارا ٻار مون لاءِ ڪيئن پيدا ٿيا؟ جڏهن تہ آءٌ بي‌اولاد، سنڍ، جلاوطن ۽ قيدي هئس، پوءِ ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏسو، آءٌ تہ بلڪل اڪيلي ڇڏي ويئي هئس، پوءِ هي سڀ ڪٿان آيا؟‘“