Isaiah 49:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ زور وارن جا قيدي بہ کسيا ويندا، ۽ زبردستن جو شڪار بہ ڇڏايو ويندو: ڇالاءِ تہ جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس، ۽ آءٌ تنهنجن ٻارن کي بچائيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.