Isaiah 49:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽان ئي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، تانتہ آءٌ سندس قوم بني يعقوب کي وٽس موٽائي آڻيان. هائو، خداوند مون کي مان مرتبو بخشيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت عطا ڪئي اٿائين، تہ جيئن آءٌ سندس انهيءَ ٽڙيل پکڙيل قوم بني اسرائيل کي آڻي وٽس گڏ ڪريان.