Isaiah 51:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين جي سچائيءَ تي هلو ٿا، ۽ خداوند کي ڳوليو ٿا سي منهنجي ٻڌو: جنهن ٽڪريءَ مان اوهين ٽڪيا ويا، ۽ جنهن کڏ جي ٽُنگ مان اوهين کوٽيا ويا، انهن ڏانهن نهاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بي‌اولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بي‌شمار نسل پيدا ٿيو.