Isaiah 54:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ اهو نوح جي طوفان وانگي آهي: جهڙيءَ طرح مون قسم کنيو آهي تہ نوح جي طوفان وارو پاڻي وري زمين جي مٿان اُٿلي نہ پوندو، تهڙيءَ طرح مون هي بہ قسم کنيو آهي تہ آءٌ وري توتي نہ ڪاوڙبس، ۽ نڪي توکي ملامت ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس، نڪي تو کي سزا ڏيندس.