Isaiah 55:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“