Isaiah 57:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تون پنهنجي پنڌ جي گهڻائيءَ ڪري ساڻي ٿي پيئينءَ؛ تڏهن بہ تو نہ چيو تہ انهي مان ڪابہ اُميد ڪانهي: تو پنهنجي خواهش وڌندي ڏٺي؛ تنهن ڪري ساڻي نہ ٿينءَ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ تو اهڙن يارن جي پٺيان ڊوڙندي پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، تڏهن بہ تون انهن مان سوس نہ ٿي پلين. تنهنجي بڇڙي خواهش تو کي تازگي ٿي بخشي، سو تون ڪڏهن بہ بي‌دل نہ ٿي ٿئين.