Isaiah 57:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.