Isaiah 58:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت ، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،