Isaiah 58:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇا اهڙو روزو مون کي پسند آهي؟ ڇا اوهان جي نظر ۾ روزو اهو ئي آهي تہ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي، ڪاني وانگر پنهنجو مٿو جھڪائي ويهي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي مٿي ۾ رک وجھي ويهي؟ ڀلا انهيءَ کي روزو چئي سگھجي ٿو ڇا؟ هائو، انهيءَ کي اوهين مون خداوند وٽ قبول پوڻ وارو روزو چوندا ڇا؟