Isaiah 63:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟