Isaiah 66:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.