Isaiah 66:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.