Isaiah 7:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو هڪڙي جوان ڳئون، ۽ ٻہ رڍون پاليندو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن جنهن ماڻهوءَ وٽ رڳو هڪڙي ڳئون ۽ ٻہ ٻڪريون پاليل هونديون، سو بہ انهن مان مليل کير کي ايترو تہ جھجھو سمجھندو جو انهن جو مکڻ کائڻ کي پنهنجي خوش‌نصيبي ڄاڻيندو. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ بچي ويلن منجھہ اهڙي قسم جي حالت کي بہ نهايت آسودگي ۽ خوشحالي سمجھيو ويندو.