Isaiah 9:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رننزالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.