James 1:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو ماڻھو آزمائش ۾ پوي تڏھن کيس ائين چوڻ نہ گھرجي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آزمايو ٿو وڃان.“ ڇالاءِجو خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٿو آزمائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو پاپ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ ايشور جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ ايشور بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ خدا جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.