James 1:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بيعيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رننزالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بيعيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بيداغ رکجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بيعيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رننزالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بيداغ رکجي.