James 2:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون ايمان وارو آهيان، پر عمل ڪندڙ نہ هجي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ اهڙي ايمان ڪري هن کي نجات ملندي ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي وشواس آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو وشواس هن کي بچائي ٿو سگھي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو ايمان هن کي بچائي ٿو سگھي؟