James 2:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اوهان مان ڪو انهن کي چوي تہ سلامتيءَ سان وڃو، گرم رهو ۽ ڍاول ٿيو؛ پر جيڪي شيون بدن جي لاءِ ضروري آهن سي کين نہ ڏئي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”شانتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس شرير لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس بدن لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟