James 2:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ ڇو اوهين غريبن جو اپمان ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟