James 3:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا تعليم ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي تعليم ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.