James 4:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين خواهش ڪريو ٿا؛ پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ تنهنڪري اوهين خون ۽ لالچ ٿا ڪريو پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ پوءِ جهيڙا جنگيون ٿا ڪريو. اوهان کي هن ڪري نٿو ملي جو گهُرو نٿا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين ايشور کان ڪونہ ٿا گھرو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.