James 5:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اي منهنجا ڀائرو، سڀ کان وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو؛ پر اوهان جي ها، ها هئڻ کپي؛ ۽ اوهان جي نہ، نہ؛ تہ اوهين سزاوار نہ ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آڪاش جو نہ ڌرتيءَ جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين گمراهہ ٿي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو.