James 5:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو بيمار هجي تہ اهو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏي؛ ۽ اهي کيس خداوند جي نالي تيل مکي هن لاءِ دعا گهُرن:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو منڊليءَ جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ پرڀو يسوع جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ پرارٿنا ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو ڪليسيا جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ دعا گھرن.