James 5:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙي پرارٿنا جيڪا وشواس سان ڪئي ويندي، سا بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ پرميشور انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن پاپ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند خدا انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.