James 5:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، ۽ اُها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي، ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان پوين ڏينهن لاءِ خزانو گڏ ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي. اھا ڪٽ اوھان تي شاھدي ڏيندي ۽ باھہ وانگر اوھان جو ماس کائيندي. اوھان پوين ڏينھن ۾ دولت ميڙي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن انتم زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن آخري زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.