Jeremiah 1:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند جو فرمان مٿس وري وري نازل ٿيندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ يهوداہ جي ٻئي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي دوران بہ يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيندو رهيو. صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال جي پنجين مهيني ۾ يروشلم جا ماڻهو جلاوطن ڪيا ويا.