Jeremiah 11:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.