Jeremiah 12:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آس‌پاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس.