Jeremiah 13:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.