Jeremiah 15:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.