Jeremiah 17:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهان جو گناهہ مِٽجي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي دلين تي ائين اُڪريو ويو آهي جيئن لوهہ جي قلم سان پٿر جي تختيءَ تي. هائو، اوهان جي قربان‌گاهن جي ڪُنڊن وارن سڱن تي اوهان جي ڪفاري بدران ڄڻ تہ اهو گناهہ هيري جي نوڪ سان اُڪريو ويو آهي.