Jeremiah 19:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن کي چئج تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀڃندس جيئن ڪو ٺڪر جو ٿانو ڀڃي، جو وري سڄو ڪري نہ سگهجي: ۽ هو انهن کي توفت ۾ دفن ڪندا، جيستائين ڪ دفن ڪرڻ جي جاءِ ڪانہ رهندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ انهن کي منهنجو هي فرمان بہ ٻڌاءِ تہ ’آءٌ قادرِمطلق خداوند هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس جيئن هيءَ گھُگھي ڀورا ڀورا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي وري نہ ٿو جوڙي سگھجي. اوهان جي قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.