Jeremiah 19:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس.