Jeremiah 2:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“