Jeremiah 21:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.