Jeremiah 21:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.