Jeremiah 22:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي يهوداہ وارؤ! اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو، بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو، جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.