Jeremiah 22:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟ ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟ تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.