Jeremiah 22:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان، ۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي، تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس، جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.