Jeremiah 23:32 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“