Jeremiah 23:34 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ مون خداوند جو حڪم آهي تہ انهن مان ڪوبہ نبي سڏائيندڙ، ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ هرگز استعمال نہ ڪري. جيڪڏهن ڪو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا اهي لفظ چوندو تہ هن لاءِ اهو سزا جو بار ٿي پوندو. هائو، آءٌ انهيءَ شخص ۽ سندس گھراڻي کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي لفظن کي ’خدائي پيغام جو بار‘ چئي پنهنجي قادرِمطلق خداوند جيئري خدا جي فرمان کي ٽوڙيو مروڙيو ڇڏي. سو جيڪڏهن ڪو خداوند جي پيغام کي ڳولڻ چاهي ٿو تہ هو اهي لفظ استعمال نہ ڪري، بلڪ هاڻ انهن مان هر ڪو هڪٻئي کان هن طرح پڇي تہ ’ خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟‘ يا ’ خداوند ڇا ٿو فرمائي؟‘